پنڊت ديودت شرما

پنڊت ديودت شرما: پنڊت ديودت شرما حيدرآباد جي سارسوت برهمڻن جي شرنگي ڪُل يا نُک مان ٿي گذريو آهي. هيءُ مشهور اخبار نويس، ليکڪ ۽ مترجم رهيو آهي. ”سنڌ راشٽر ڀاشا سمتيءَ“ پاران ”قومي اخبار“ ڪڍيائين، جنهن ۾ هندي زبان ۽ ديوناگري لپيءَ جي حمايت ۾ پرچار ڪندو رهيو. هُو شاگردن کي هنديءَ ۾ ”راشٽر ڀاشا رتن“، ”ساهت رتن“ ۽ سنسڪرت جي ”ڪاويه تيرٿ“ امتحانن لاءِ تياري ڪرائيندو هو. 1920ع کان ملڪ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتائين، 21 مهينا جيل ڪاٽيائين ۽ لاڳيتو 9 سال حيدرآباد سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. پڪو گانڌي وادي هو. شاعر به هو، انقلابي هلچل ۽ هيمون ڪالاڻيءَ بابت سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هيمون شتڪ“ ڇپيل آهي. شتڪ ڇند ۾ هنديءَ مان ڪيترا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جن مان مکيه هي آهن: بنڪم چندر چئٽرجيءَ جو ”آنند مٺ“، وارن هيسٽنگس جا ڪارناما، ڀڳت ڪبير وغيره. ڪاليداس جي مشهور نظم ”ميگهدوت“ جو سنڌي منظوم ترجمو سندس لاڏاڻي کان ٻه ڏينهن اڳ اجمير جي اجنتا پبليڪيشن شايع ڪيو، جنهن جو مهاڳ نامياري شاعر نارائڻ شيام جو لکيل آهي.
ورهاڱي کان پوءِ پنڊت ديودت اجمير ۾ وڃي رهيو. هن جو ديوناگري لپيءَ جي پرچار جاري رهيو. هو سنڌ پبلشنگ سوسائٽيءَ جو صدر رهيو، هن 128 ادبي ۽ درسي ڪتاب، ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. بمبئيءَ جي ”لوڪ سيوا منڊل“ پاران ڪيترائي ڪتاب عربي لپيءَ مان ديوناگريءَ ۾ الٿو ڪري ڇپايائين. پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچند تلوڪچند سان گڏجي ”سنڌي- هندي- انگريزي ڊڪشنري“ تيار ڪري ڇپايائين. 1970ع ڌاري لاڏاڻو ڪيائين.


لفظ پنڊت ديودت شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو